بزم ادب حيدرآباد

بزم ادب حيدرآباد: هن بزم جو بنياد محمد اسماعيل ”طالب الموليٰ“ ۽ سندس عزيز شهمير خان ”شهمير“، ٽنڊي ولي محمد حيدرآباد ۾ وڌو. هن بزم جو صدر ۽ سرپرست سيد اسدالله شاهه ”فدا“ ٽکڙائي هو. هن بزم ۾ جيڪي شاعر شريڪ ٿيندا هئا، تن ۾ اسدالله شاهه. ”فدا“، محمد هاشم ”مخلص“، محمد اسماعيل ”طالب الموليٰ“، شهمير خان ”شهمير“، محمد بخش ”واصف“، ماستر پير بخش ”پير“، محمد صديق ”مسافر“، مرزا مدد علي بيگ ”مدد“، حافظ قمرالدين، ماستر خير محمد ”احقر“، اداسي، مستان ۽ شائق وغيره جا نالا ذڪر لائق آهن .


لفظ بزم ادب حيدرآبادھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو